اڄوڪو ڏينهن وچ اوڀر جي صورتحال تي ڇڪتاڻ وارو ڏينهن ڏٺو ويو، جنهن ۾ آمريڪي بچاءَ واري وزير ۽ اسرائيلي بچاءَ واري وزير الڳ الڳ هنڌن تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، پر ٻنهي هڪ ئي انداز ۾ ايران کي ڌمڪيون ڏنيون.
عالمي خابرو اداري موجب اسرائيلي بچاءَ واري وزير ايران کي سخت لفظن ۾ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو آمريڪا سان جنگبندي واري معاهدي تي راضي نه ٿيو ته اسرائيل ان تي اڳ کان وڌيڪ دردناڪ حملو ڪندو.
اسرائيلي بچاءَ واري وزير يسرايل ڪيٽز وڌيڪ چيو ته ايران هن وقت هڪ تاريخي موڙ تي بيٺو آهي جتي ان کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو بهتر مستقبل طرف وڌڻ چاهي ٿو يا اڪيلائي ۽ تباهي جي اوندهه ۾ گرڻ چاهي ٿو.
اسرائيلي بچاءَ واري وزير يسرايل ڪيٽز وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران ڳالهين ۾ مثبت اڳڀرائي نه ڏيکاري ته اسرائيل اهڙن هدفن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو جن کي هينئر تائين نشانو نه بڻايو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته ايران جلد ڏسندو ته جن هدفن کي اسان اڃان تائين نشانو ناهي بڻايو اهي پهرين حملن کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ ثابت ٿيندا.
ڪجهه عرصو اڳ آمريڪي بچاءَ واري وزير واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ۾ چيو هو ته ايران وٽ سونهري موقعو آهي ته هو هوشياريءَ جو مظاهرو ڪري جنگ بندي معاهدي کي قبول ڪري، ٻي صورت ۾ آمريڪي فوجون ٻيهر جنگ لاءِ تيار آهن.


