جي بي اي 2 جي پولنگ اسٽيشن نمبر 403 تي ن ليگ ڪارڪنن ۽ جيالن ۾ جهيڙو ٿي پيو.
مسلم ليگ ن جي اميدوار حافظ حفيظ الرحمان جي پولنگ اسٽيشن تي دوري تي تڪرار پيدا ٿي ويو. پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن حافظ حفيظ الرحمان جي پولنگ اسٽيشن اندر داخل ٿيڻ تي اعتراض ڪيو، جنهن تي ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو.
ڪارڪنن وچ ۾ تلخ کلامي کانپوءِ ڇڪتاڻ به ٿي وئي، جنهن سبب چونڊ ماحول سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي ويو.
نگران گهرو وزير ساجد بيگ به واقعي وقت پولنگ اسٽيشن تي موجود هو، پوليس صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.


