ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) نوجوان رانديگرن کي خبردار ڪيو آهي ته هو تڪرارن کان پري رهن.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري ديوجيت سائڪيا ڀارت اي ٽيم جي رانديگرن تي زور ڏنو آهي ته هو ميدان تي ۽ ٻاهر غير ضروري معاملن ۾ الجھڻ بدران راند تي ڌيان ڏين.
اهو بيان هندستان اي جي نوجوان بيٽسمين ويڀاؤ سوريا ونشي جي سريلنڪا ۾ هلندڙ ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران سريلنڪن رانديگرن سان تڪرار کانپوءِ آيو آهي.
ڊمبولا ۾ دلچسپ ميچ جي پڄاڻيءَ تي ٻنهي رانديگرن ۾ تلخ لفظن جي مٽا سٽا ٿي وئي، جنهن کانپوءِ سوريا ونشي جهيڙو ٿي پيو.
ٻين رانديگرن ۽ آفيسرن مداخلت ڪري صورتحال تي ضابطو آندو.
واضح رهي ته سريلنڪا اي سپر اوور ۾ ڀارت اي کي شڪست ڏني هئي.
ديوجيت سائڪيا چيو ته ڀارت جا رانديگر مستقبل ۾ سينيئر ڀارتي ٽيم جي نمائندگي ڪرڻ جا اميدوار آهن، ان ڪري انهن کي پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيم جي ڪاميابي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي.
سندس موجب بورڊ جو مقصد اهو آهي ته رانديگر غير ضروري تڪرارن کان پري رهن ۽ ميدان تي بهترين راند کيڏن.
واضح رهي ته 15 سالن جي سوريا ونشي آءِ پي ايل ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ رڪارڊ ٽوڙ ڪاميابين سبب خبرن ۾ رهي آهي.
هن کي آئرلينڊ ۽ انگلينڊ جي ايندڙ دورن لاءِ هندستاني ٽي 20 اسڪواڊ ۾ پڻ شامل ڪيو ويو آهي ۽ هو جلد ئي انٽرنيشنل ڊيبيو ڪري سگهي ٿو.


