سنيتا آهوجا مامري جي افواهن جي باوجود گووندا جي پاسي نه ڇڏيندي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



بالي ووڊ اداڪار گووندا جي زال سنيتا آهوجا پنهنجي مڙس سان لاڳاپن جي افواهن تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته کيس سندن رشتي تي پورو يقين آهي ۽ ڪڏهن به گووندا جو ساٿ نه ڇڏيندي. فري پريس جرنل کي ڏنل انٽرويو ۾ سنيتا آهوجا جو چوڻ هو ته فلم انڊسٽري ۾ ڪم ڪندڙ اداڪارن بابت اهڙيون ڳالهيون عام آهن پر مضبوط رشتو اعتماد ۽ محبت تي قائم هوندو آهي. هن چيو ته مان هميشه چوندي آهيان ته اداڪار جي زال ٿيڻ لاءِ دل کي مضبوط ڪرڻو پوندو. مون کي 15 سالن جي عمر ۾ گووندا سان پيار ٿي ويو، اڄ 56 آهيان ۽ اڃا به هن سان ايترو ئي پيار ڪريان ٿو. سنيتا وڌيڪ چيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا گووندا کي معاف ڪيو، ڇاڪاڻ ته هن لاءِ سچي محبت ۾ معافي به شامل آهي. واضح رهي ته گووندا ۽ سنيتا آهوجا جي الڳ ٿيڻ جون افواهون گذريل ڪجهه مهينن کان گردش ڪري رهيون هيون پر ٻنهي ڪڏهن به ان خبر جي تصديق نه ڪئي هئي. گووندا ۽ سنيتا 1987ع ۾ شادي ڪئي ۽ کيس ٻه ٻار آهن، ٽينا آهوجا ۽ يش ورڌن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment