افغان طالبان حڪومت جي سخت پاليسين ۽ هرات ۾ پرامن مظاهرين تي تشدد خلاف يورپي ملڪن ۾ احتجاج جي لهر جاري آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب سويڊن جي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ سوين افغان پناهگير طالبان حڪومت جي پاليسين ۽ عورتن تي ٿيندڙ ظلمن خلاف روڊن تي نڪري آيا آهن.
مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي طالبان حڪومت خلاف نعرا هنيا ۽ عالمي برادري کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.
افغان مظاهرين واضح طور تي سويڊن جي حڪومت ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته طالبان حڪومت سان سمورا لاڳاپا فوري طور ختم ڪيا وڃن.
افغان مظاهرين جو چوڻ هو ته طالبان حڪومت سان سياسي يا معاشي لاڳاپا رکڻ معصوم ۽ بيگناهه افغان مظلومن سان خيانت آهي.
مظاهرين جو چوڻ هو ته يورپي سرزمين تي افغان طالبان جهڙن انتهاپسند ۽ دهشتگرد غاصب جي ڪا به جاءِ ناهي. سويڊن جي حڪومت ۽ يورپي يونين کي گهرجي ته يورپ ۾ افغان طالبان اڳواڻن جي داخلا ۽ ويزا جاري ڪرڻ تي فوري ۽ مڪمل پابندي لڳائي.
عالمي تنظيم ورلڊ لبرٽي ڪانگريس هرات ۾ مظاهرين تي افغان حڪومت جي فائرنگ ۽ تشدد جي مذمت ڪندي چيو آهي ته افغانستان ۾ عورتن ۽ صحافين تي جاري ڪريڪ ڊائون طالبان حڪومت جي انساني حقن کان انڪار ۽ صنفي فرقيواريت جو ثبوت آهي.


