سکر ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


– اشتهار –

سکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو. ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل چوهاڻ ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري اسلم چوهاڻ کي قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. وارثن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن گهر ۾ داخل ٿي گهر جي ملازم اسلم چوهاڻ کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته اسلم چوهاڻ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هنن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي. ظالمن اسلام جو قتل عام ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ قاتلن جي گرفتاري تائين احتجاجي ڌرڻو جاري رکيو ويندو. پوليس جو چوڻ آهي ته اسلم چوهاڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment