عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ٻن هفتن دوران سڀ کان وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ دوران عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ هاڻي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ تبديلي ٿي رهي آهي. عالمي مارڪيٽ ۾ برنٽ جي قيمت ۾ 5.2 سيڪڙو يا 4.61 ڊالر جي گهٽتائي ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ في بيرل قيمت 83.75 ڊالر جي سطح تي پهچي وئي آهي. اهڙي طرح يو ايس ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ خام تيل جو اگهه به 4.9 سيڪڙو يا 4.06 ڊالر گهٽجي 78.55 ڊالر في بيرل ٿي ويو. برينٽ ۽ يو ايس جي خام تيل جون قيمتون هڪ هفتي ۾ رڪارڊ ڪيل پنهنجي بلند ترين سطح تي اچي ويون آهن، تيل جون قيمتون 13 جولاءِ کان وٺي پنهنجي گهٽ ترين سطح تي وڃي رهيون آهن ۽ گذريل 3 ڏينهن دوران 17 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي ويون آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment