ڪراچي:
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان عيد الاضحيٰ جي موقعي تي 3 ڏينهن جي موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
مرڪزي بئنڪ جي اعلان موجب اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) عيد الاضحيٰ جي موقعي تي عام موڪلن سبب 26-28 مئي 2026 (اڱارو- خميس) تي بند رهندي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن تاريخن دوران بئنڪ جي سمورن آفيسن ۾ ڪاروباري ۽ آفيس جون سرگرميون معطل رهنديون.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته عيد الاضحيٰ جي موڪلن کانپوءِ بئنڪون 29 مئي جمعي کان معمول مطابق کلي وينديون، جتي صارف معمول مطابق پنهنجون بئنڪنگ سروسز تائين رسائي حاصل ڪري سگهندا.
بينڪ انتظاميا سمورن لاڳاپيل مالياتي ادارن کي به ان شيڊيول بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.


