غزه ۾ رات جي اونداهي ۾ ننڊ ۾ پيل خاندان تي اسرائيلي حملو، والدين ۽ 6 مهينن جو ٻار شهيد

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


غزه ۾ اسرائيلي هوائي حملي ۾ ماءُ، پيءُ ۽ سندن 6 مهينن جي ٻار سميت هڪ ئي خاندان جا ٽي ڀاتي شهيد ٿي ويا.

حملو نصرت پناهگير ڪيمپ ۾ رهائشي اپارٽمنٽ تي ڪيو ويو، طبي عملدارن شهيدن جي سڃاڻپ محمد ابو ملوح، ان جي زال علاء ذاقلان ۽ سندن 6 مهينن جي ٻار اسامه جي نالن سان ڪئي.

اکين ڏٺن شاهدن ۽ گهرڀاتين موجب حملي وقت گهرواري پنهنجي گهر ۾ سمهي رهي هئي جڏهن اوچتو هڪ راڪيٽ عمارت تي ڪري پيو. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته امدادي ٽيمن ملبي مان لاش ڪڍيا.

ٻارڙي جي ناني ام حمزه ابو ملوح ڳوڙها ڳاڙيندي ٻڌايو ته جڏهن حملو ٿيو ته سندس پٽ پنهنجي زال ۽ ٻار سان بستري تي سمهي رهيو هو. سندس چوڻ هو ته حملي ۾ خاندان جا ٽي ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 6 نوجوان ڇوڪريون ڇڏي ويا.

رپورٽ موجب غزه جي اترين علائقي جباليا پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ گڏيل قومن جي انتظام هيٺ طبي مرڪز جي ويجهو اسرائيلي فائرنگ ۾ هڪ فلسطيني شهري پڻ مارجي ويو.

رهواسين جو چوڻ آهي ته حملي کان اڳ ڪا به اڳواٽ وارننگ جاري نه ڪئي وئي هئي، جڏهن ته اسرائيل گذريل ڪجهه ڏينهن کان غزا جي مختلف علائقن کي خالي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري رهيو آهي.

ياد رهي ته آڪٽوبر ۾ جنگبندي جي باوجود غزه ۾ اسرائيلي حملا مڪمل طور تي بند نه ٿي سگهيا آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وچ ۾ جنگبندي کانپوءِ به اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ ڳالهيون تعطل جو شڪار آهن.

غزه ۾ طبي عملدارن موجب، جنگبندي جي عمل ۾ اچڻ کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ 880 فلسطيني مارجي ويا آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment