گلوڪار ۽ ميزبان فخر عالم وسيم اڪرم ۽ مصباح الحق سان مزدلفه جا خوبصورت منظر شيئر ڪيا.
تفصيل موجب فخر عالم مزدلفه جي پرامن ماحول ۾ اداڪار بلال عباس خان، اڳوڻي ڪپتان مصباح الحق، ليجنڊ ڪرڪيٽر وسيم اڪرم ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر شرجيل خان سان يادگار لمحا گذاريا.
اهي شخصيتون روحاني ماحول ۾ عبادت، دعا ۽ عاجزي جي جذبن ۾ غرق نظر اچن ٿيون.
فخر عالم به انهن خوبصورت لمحن جي جهلڪ پنهنجن مداحن سان شيئر ڪئي، جتي سڀني الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪيو.
مداحن ان خوبصورت منظر کي امت مسلمه جي اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري جي علامت قرار ڏنو.


