فورسز جو آپريشن شعبان جاري، وڌيڪ 3 خوارج مارجي ويا، مجموعي انگ 105 ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جو گڏيل ”آپريشن شعبان“ جاري آهي، جنهن ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران فتنا خوارج خلاف علائقي ۾ فضائي ۽ زميني آپريشن ڪيو پيو وڃي.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته تازين ڪاررواين دوران وڌيڪ 3 پرڏيهين کي جهنم ۾ موڪليو ويو، آپريشن شعبان ۾ مارجي ويلن جو مجموعي انگ 67 ٿي ويو آهي، سرن ٽنگي ۾ تازي ڪاررواين دوران وڌيڪ 4 پرڏيهين کي جهنم ۾ موڪليو ويو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته 5 جولاءِ کان وٺي آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ 105 پرڏيهي دهشتگرد مارجي ويا آهن، آپريشن شعبان بلوچستان ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو.

بلوچستان ۾ آپريشن شعبان ۾ وڌيڪ خوارج مارجي ويا، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آپريشن شعبان ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪاميابين کي ساراهيو.

محسن نقوي چيو ته پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جي بهادر سپاهين کي سلام پيش ڪريان ٿو، پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس جا گڏيل آپريشن ملڪي سلامتي جي تحفظ جي عزم جو عڪاسي آهن، آپريشن شعبان ۾ حصو وٺندڙ آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ پيشيوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

محسن نقوي چيو ته پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگرد عنصرن جي ڪا به جاءِ ناهي، قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهي، دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري آهن ۽ پوري قوت سان جاري رهنديون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment