لنڪا پريميئر ليگ: شاهين آفريدي دوران ميچ ڊراپ، اينٽي ڪرپشن يونٽ آفيسر کي شڪايت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



لنڪن پريميئر ليگ ۾ تڪرار جاري، شاهين آفريدي به اينٽي ڪرپشن يونٽ جي آفيسر کي ميچ دوران ”ڊراپ“ ٿيڻ جي شڪايت ڪئي. تفصيل موجب هميشه وانگر ايل پي ايل ناڪاري خبرن سبب بحث هيٺ آهي. شروعات کان اڳ سريلنڪن اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جافنا ڪنگز جي ڀارتي مالڪ منجوت ڪارلا کي فڪسنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو. گذريل ڏينهن شاهين آفريدي جي حوالي سان به هڪ عجيب واقعو پيش آيو. ذريعن موجب ڪينڊي رائلز جي ٽيم انتظاميا ڪولمبو ڪيپس خلاف ميچ کان اڳ پاڪستاني فاسٽ بالر کي ٻڌايو ته هو ”امپٽيڪ پليئر“ طور حصو وٺندو. اهو قانون آئي پي ايل پاران متعارف ڪرايو ويو هو جنهن موجب ڪنهن به ٽيم ميچ کان اڳ ڪنهن رانديگر جو نالو رکيو آهي جيڪو ڪنهن ٻئي جي جاءِ تي چار اوور بيٽنگ يا بالنگ ڪري سگهي ٿو. پلينگ اليون ۾ شامل ڪرڪيٽر هاڻي ميچ ۾ حصو نه وٺي سگهندو. ڄاڻايل ميچ ۾ ڪينڊي پهرين بيٽنگ ڪئي، اننگ جي وچ ۾ ڪوچ شاهين کان معافي وٺندي چيو ته تجزيه نگار جي غلطي سبب سندس نالو ”امپٽيڪل پليئر“ جي طور تي سامهون نه اچي سگهيو. شاهين به فوري طور پاڪستان واپسي جو فيصلو ڪيو، معاملو ميچ ريفري جي نوٽيس ۾ آيو، بعد ۾ ٽيم انتظاميا، ليگ آرگنائيزرز وغيره شاهين کان معافي گهري ۽ کيس وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ياد رهي ته ايونٽ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽر محمد نواز، صاحبزاده فرحان، محمد وسيم جونيئر ۽ عاکف جاويد به شرڪت ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ايل پي ايل جي ترجمان رابطو ڪرڻ تي چيو ته شاهين آفريدي جو واقعو ريفري کي غلط ٽيم شيٽ ڏيڻ سبب پيش آيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment