مالي سال 2025-2026 جي پڄاڻيءَ تي گذريل هفتي ملڪ جا ڪل پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 21 ارب 48 ڪروڙ 47 لک ڊالرن تائين پهچي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تي گذريل هفتي دوران پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 21 ارب 48 ڪروڙ ڊالرن جي سطح تي پهچي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب مرڪزي بئنڪ وٽ 15 ارب 916 ملين ڊالرز جا ذخيرا آهن جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن وٽ 5 ارب 5683 ملين ڊالر جا ذخيرا آهن.
بيان موجب پرڏيهي قرضن جي ادائيگين سبب هڪ هفتي دوران اسٽيٽ بئنڪ جي ذخيرن ۾ 1 ارب 30 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي گهٽتائي ٿي، جڏهن ته ملڪي مالياتي اداري مان 700 ملين ڊالر وصول ڪيا ويا.
حڪومت 1.7 بلين ڊالر ڪمرشل قرضن جي ري فنانسنگ لاءِ محفوظ ڪيا، جن مان ٻنهي کي 30 جون 2026 تائين پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ شامل ڪيو ويندو.


