مشهور ڀارتي اداڪار ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مشهور ڀارتي مليالم اداڪار سنتوش ڪي نيئر 65 سالن جي عمر ۾ هڪ افسوسناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.

رپورٽن مطابق حادثو اڱاري جي صبح ڪيرالا رياست جي شهر ادوار ۾ پيش آيو، جتي سندس ڪار سامهون ايندڙ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي. حادثي ۾ سندس زال به سخت زخمي ٿي پئي ۽ اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.

اداڪار کي فوري طور تي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو پر دل جو دورو پوڻ سبب زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

سنتوش ڪي نيئر 1982ع ۾ پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ 100 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو. هو پنهنجي ناڪاري ۽ مزاحيه ڪردارن جي ڪري تمام گهڻو مشهور هو. سندس وفات تي مليالم فلم انڊسٽري ۾ گهري ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment