ملير سعود آباد ۾ ڏينهن جي روشني ۾ هلندڙ گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري نئين شادي ڪندڙ جوڙي کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث مک جوابدار کي سچل ٿاڻي جي حد مان گرفتار ڪيو ويو.
گرفتار جوابدار قتل ٿيل عورت جو حقيقي ڀاءُ آهي، گرفتار جوابدار جاچ دوران پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائٽي کي قتل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.
ملير جي علائقي سعود آباد ۾ نادرا آفيس ويجهو سومر جي شام اڻڄاتل هٿياربندن موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن ڏينهن جي روشني ۾ هلندڙ گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري گاڏي جي پوئين سيٽ تي ويٺل نون شادي شده جوڙي کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا.
نئين شادي شده جوڙي جي سڃاڻپ نجي الله ۽ ناديا طور ٿي آهي. مقتول نجي الله جي ڀاءُ محمد عثمان جي فرياد تي سعود آباد ٿاڻي تي مقتول جي سسر محمد اسلم ۽ 4 اڻڄاتل هٿياربندن خلاف سعود آباد ٿاڻي ۾ قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
سچل ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪارروائي دوران 15 ڪلاڪن اندر نئين شادي واري جوڙي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ساجد کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدار مقتول عورت ناديا جو حقيقي ڀاءُ آهي.
پوليس ذريعن موجب گرفتار جوابدار جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته سندس ڀيڻ سعيد گوپانگ سان ساڍا 3 لک رپين ۾ مڱڻي ٿي هئي ۽ عيد کانپوءِ سعيد گوپانگ جي سعيد گوپانگ سان شادي ٿيڻي هئي.
پوليس ذريعن موجب سعيد گوپانگ پاران پنهنجي ڀيڻ کي مارڻ لاءِ شرط رکي وئي هئي، سعيد گوپانگ جي دٻاءُ سبب هن پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀائٽي کي قتل ڪيو. قتل جي وقت موٽرسائيڪل هلائيندڙ عابد گوپانگ هو، جيڪو سعيد گوپانگ جي اڳوڻي منگيتر جو ڀاءُ هو.
واضح رهي ته مقتول نجي الله کي ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن هو پنهنجي گهرواري سان ڪار ۾ ڪورٽ کان حيدرآباد وڃي رهيو هو. واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڪار تي فائرنگ ٿيندي نظر اچي رهي آهي، ڊرائيور ۽ ان سان گڏ ويٺل شخص کي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ ڊوڙندي ڏٺو ويو.


