نار جنگ ۾ مودي جي اسرائيل نواز پاليسي، ڀارت جي خودمختياري تي سواليه نشان

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


نار جي جنگ ۾ مودي جي اسرائيل نواز پاليسي سبب ڀارت جي خودمختياري تي سواليه نشان لڳل آهن.

عالمي جرنل ايشيا ٽائمز موجب ايران جي معاملي تي ڀارت جي غير واضح پرڏيهي پاليسي تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي.

ايران آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ڀارت جي سفارتڪاري خاموش رهي.

مودي آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ سان صرف تيل ۽ سپلائي سسٽم بابت ڳالهايو. هندستاني پرڏيهي وزير جي شنڪر جو يو اي اي جو دورو به مداخلت جي بجاءِ رابطي ۽ اطمينان تائين محدود هو.

چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ويجهي ڀائيواري خطي ۾ هندستان جي نام نهاد اهميت کي سخت ڌڪ رسايو آهي. پاڪستان سان بهترين لاڳاپن کانپوءِ آمريڪا لاءِ ڀارت تي ڀروسو ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment