نتنياهو کي ڪرپشن ڪيسن ۾ عدالت مان هڪ ٻي مهلت ملي، هڪ وڏو رليف

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسرائيل ۾ وزيراعظم نيتن ياهو کي ڪرپشن ڪيسن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عبوري رليف ملي ويو آهي جڏهن ته عدالت اوچتو ٻڌڻي ڪو واضع سبب ٻڌائڻ کانسواءِ ملتوي ڪري ڇڏيو.

رپورٽن مطابق نيتن ياهو خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سومر تي عدالت ۾ ٿيڻي هئي، جنهن ۾ کيس پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻو هو، پر اهو عمل وقت تي ملتوي ڪيو ويو.

اسرائيلي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اهو فيصلو رات دير سان نيتن ياهو جي وڪيل طرفان عدالت کي فراهم ڪيل نئين معلومات کانپوءِ ڪيو ويو آهي، پر تفصيل عام نه ڪيا ويا آهن.

مقامي ٽي وي چينل ٻڌايو ته عدالت اوچتو ٻڌڻي ملتوي ڪندي وزيراعظم کي عارضي رليف ڏنو. واضح رهي ته نيتن ياهو هن وقت ڪرپشن جي ٽن مختلف ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ اهي ڪيس 2019 کان التوا ۾ آهن.

ماضي ۾ اهڙن ڪيسن جي ٻڌڻي ڪيترن ئي موقعن تي ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهن جو وڏو سبب امن امان جي صورتحال ۽ جنگي صورتحال آهي. تازو ايران-اسرائيل ڇڪتاڻ سبب عدالتي عمل به متاثر ٿي رهيو آهي.

ياد رهي ته نيتن ياهو 28 اپريل تي عدالت ۾ پيش ٿيو هو، جيڪو ايران خلاف جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ سندس پهرين پيشي هئي. ماهرن موجب بار بار ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ سان ڪيسن جي حتمي فيصلي ۾ وڌيڪ دير ٿيڻ جو خدشو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment