پاڪستان جي ويٽ لفٽر نوح دستگير بٽ ازبڪستان ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ گولڊ ميڊل کٽي ورتو.
گوجرانوالا جي ڪمن ويلٿ چيمپيئن نوح دستگير ورلڊ اسٽرانگ مين مقابلن ۾ جلال الدين تلوار جو ٽائيٽل کٽي ورتو.
نوح دستگير بٽ ڪوريائي مخالف کي شڪست ڏني.
نوح دستگير 14 ڪلو وزني تلوار هڪ منٽ 49 سيڪنڊن ۾ جهلي گولڊ ميڊل کٽيو.
پاڪستان جي نوح بٽ ڪوريا جي مخالف کي شڪست ڏئي ورلڊ اسٽرانگ مين مقابلي 2026 ۾ جلال الدين تلوار کٽي ورتي. بٽ 14 ڪلو وزني تلوار 1 منٽ ۽ 49 سيڪنڊن تائين سنڀالي ورتي! 🇵🇰👏
چلو اج ڪهين ٻه جيٽي 😅 pic.twitter.com/PDDqboZx0u
– منيب فرخ (@Muneeb313_) جون 14، 2026
انهن منفرد مقابلن ۾ 20 کان وڌيڪ ملڪن جي رانديگرن حصو ورتو.


