هاڪي فائيو اي سائڊ ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ ايونٽ جي ليگ ميچ ۾ قومي ٽيم مئنيجمينٽ جو منفرد ڪارنامو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عمان جي شهر مسقط ۾ جاري فائيو اي سائڊ ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ ايونٽ جي ليگ ميچ ۾ قومي ٽيم مئنيجمينٽ منفرد ڪارنامو سرانجام ڏنو. رپورٽن مطابق ٽن اولمپيئنز جي موجودگي باوجود قومي ٽيم ضابطن کي نظرانداز ڪيو. ڀارت خلاف آخري ليگ ميچ ۾ پاڪستان 5 بدران 6 رانديگرن کي فيلڊ ڪيو، ريفري نوٽيس ورتو ۽ هڪ رانديگر کي پيلو ڪارڊ ڏيکاريو، پاڪستاني ٽيم کي باقي ميچ ۾ 5 بدران 4 رانديگرن سان کيڏڻو پيو، 4 رانديگرن کيڏڻ سبب پاڪستان کي ڀارت هٿان 3-7 تان هارايو. پاڪستان خلاف ورزي تي ڏنڊ ۽ پابندي لڳائي سگهجي ٿي. فائنل پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ کيڏيو ويندو. گذريل ڏينهن ايشيا ڪپ دوران هيڊ ڪوچ اولمپئن خواجه جنيد جاپان خلاف ميچ ۾ 12 رانديگرن کي فيڊ ڪرڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏنو هو. سنگين غلطي سبب پاڪستان اولمپڪس لاءِ ڪواليفائي نه ڪري سگهيو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment