گهر ٻاهران ويهڻ ڏوهه بڻجي ويو، پنان واري علائقي ۾ معمولي تڪرار تان 2 گروپن ۾ جهيڙو، هڪ ڀاءُ مارجي ويو، جڏهن ته ٻئي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
پوليس مبينا طور جوابدارن کان پئسا وٺي نامزد جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف علائقي واسين پوليس خلاف 7 ڪلاڪن تائين ريشم روڊ تي ڌرڻو هڻي احتجاج ڪيو.
عوامي دٻاءُ تي ڊي پي او اوهري پور پني ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو، هڪ اهلڪار کي ڪوارٽر ڪري کاتي جي انڪوائري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.
ذريعن موجب پنان واري علائقي ۾ گهر ٻاهران ويهڻ تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان مارجي ويو ۽ ٻيو ڀاءُ سخت زخمي ٿي پيو.
ذريعن موجب بشارت اهلڪار کي مقتول جي گهرڀاتين کان 10 هزار رپيا رشوت وٺڻ تي معطل ۽ ڪوارٽر ڪيو ويو. رات دير سان ن ليگ ايم اين اي بابر نواز خان احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين لاءِ پهتو.
رات دير سان پوليس ۽ مظاهرين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد جي ٽي روڊ خالي ڪرايو ويو.
ڊي پي او هريپور شفيع الله گنڊاپور موجب فرضن ۾ غفلت ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، قانون سڀني لاءِ برابر آهي.


