وينزويلا جي مدد لاءِ سڄي دنيا مان امدادي ڪوششون تيز ٿي ويون آهن، جنهن کي ٻن طاقتور زلزلن ڪري لڏپلاڻ ڪري ڇڏيو آهي. مختلف ملڪن، عالمي ادارن ۽ انساني حقن جي تنظيمن متاثر علائقن ۾ ڪيش امداد، ريسڪيو ٽيمون ۽ ايمرجنسي سامان موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
تازين رپورٽن موجب اربع تي آيل 7.2 ۽ 7.5 جي شدت سان لڳاتار ٻن زلزلن ۾ 188 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 1500 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.
جڏهن ته لڳ ڀڳ 200 ماڻهن جا اڃا تائين ملبي هيٺ دٻجڻ جا اطلاع آهن. زلزلي سبب 250 عمارتن کي سخت نقصان پهتو آهي.
گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪس ايجنسي جي سربراهه ٽام فليچر چيو آهي ته بين الاقوامي ڳولا ۽ بچاءُ واري ٽيمن کي مقرر ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
سندس چوڻ هو ته عالمي برادري کي ايندڙ ڏينهن ۾ متاثرين جي بحالي لاءِ گڏيل ۽ وڏي پئماني تي ڪوششون ڪرڻيون پونديون.
هن ياد ڏياريو ته زلزلي کان اڳ به وينزويلا ۾ لڳ ڀڳ 8 لک ماڻهو انساني امداد جي محتاج هئا، جڏهن ته هن نئين آفت صورتحال کي وڌيڪ سنگين بڻائي ڇڏيو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي اعلان ڪيو آهي ته هو وينزويلا کي 150 ملين ڊالر انساني امداد فراهم ڪندو، جنهن مان 50 ملين ڊالر گڏيل قومن جي ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ ٻين امدادي ادارن کي ڏنا ويندا، جڏهن ته 100 ملين ڊالر گڏيل قومن جي رليف اينڊ ورڪ ايجنسي کي ڏنا ويندا.
ٻئي طرف ويٽيڪن به زلزلي متاثرن لاءِ هڪ لک يورو جي فوري امداد مختص ڪئي آهي، جڏهن ته مشهور شيف ۽ ورلڊ سينٽرل ڪچن جي باني جوز اينڊرس وڌيڪ هڪ ملين ڊالرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڪاراڪاس ۾ متاثرن کي خوراڪ فراهم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.
امدادي ڪارروايون اڃا تائين جاري آهن ۽ اهلڪارن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ملبي کي صاف ڪرڻ سان مرڻ وارن جو انگ وڌي سگهي ٿو.


