اداڪار، ميزبان ۽ هدايتڪار ياسر حسين پاڪستاني ڊرامي انڊسٽري جي بدلجندڙ معيار تي ڳالهائيندي چيو آهي ته ڀارتي مارڪيٽ کي نظر ۾ رکي مواد ٺاهڻ پاڪستاني ڊرامن جي اصل سڃاڻپ کي متاثر ڪيو. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ياسر حسين چيو ته ماضي ۾ پاڪستاني ڊرامن پنهنجي مضبوط ڪهاڻي، ڪلچر ۽ معيار جي ڪري عالمي سطح تي منفرد شهرت حاصل ڪندا هئا پر جڏهن ڀارت ۾ انهن جي مقبوليت وڌي وئي ته ڪيترن ئي پروڊيوسرن ڀارتي ناظرين جي پسند مطابق مواد تيار ڪرڻ شروع ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڀارتي ناظرین پاڪستاني ڊرامن کي اعليٰ معيار جي ڪري پسند ڪندا هئا، پر بدقسمتيءَ سان پاڪستاني ڊرامن جو معيار بلند رکڻ بدران پاڻ کي نسبتاً گهٽ معيار جي رجحانن سان ملائي ڇڏيو. ياسر حسين جي ان بيان تي سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي ويو آهي، جتي ڪجهه ماڻهن سندس راءِ سان اتفاق ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي صارفين ان کي مبالغو قرار ڏنو.
Source link

ياسر حسين پاڪستاني ڊرامن جي معيار ۾ گهٽتائي جو ذميوار ڀارت کي قرار ڏنو
Leave a Comment Leave a Comment

