ايران يوڪرين کي ڌمڪي ڏني آهي ته هو ڪئسپين سمنڊ ۾ جهاز تي حملي جو جواب ڏيندو. ايراني خبر رساں ايجنسي جي رپورٽ موجب ايران جي پارليامينٽ جي ڊپٽي اسپيڪر علي نيڪزاد اعلان ڪيو آهي ته يوڪرين جي غير ذميواراڻي عمل کي جوابده نه ڇڏيو ويندو. هن چيو ته ايران پنهنجي سرحدي خودمختياري جي دفاع جو قانوني حق برقرار رکندو ۽ ڪنهن به هنڌ کان ايراني سرزمين تي ڪنهن به حملي کي جائز فوجي نشانو سمجهيو ويندو. واضح رهي ته گذريل ڏينهن يوڪرين جي صدر زيلنسڪي هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته سندس فورسز ڪئسپين سمنڊ ۾ روسي جنگي جهاز ۽ هڪ ايراني ٻيڙي کي نشانو بڻايو هو، جنهن جي تصديق ايراني پرڏيهي وزارت به ڪئي هئي. ايران ۾ يوڪرين جي سفارتخاني ۾ مقرر انچارج ڊي افيرز ايراني پرڏيهي وزارت کان احتجاج ڪيو ۽ ان قدم کي دشمني ۽ مجرمانه قرار ڏنو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حملو گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 2-4 جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اهڙي جارحيت واري عمل سان ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي. ايراني پرڏيهي وزارت اهو به چيو ته ايران پنهنجي مفادن ۽ سلامتي جي حفاظت لاءِ عالمي قانونن جي روشني ۾ قدم کڻندو. ان کان پوءِ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي يوڪرين جي فوجي حملي جي مذمت ڪندي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، يورپي يونين ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته هو فيصلي جوڳو جواب ڏين. عباس عراقچي يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي سربراهه ڪايا ڪيلاس سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي عالمي ادارن تي زور ڏنو ته هو ان مجرماڻي عمل جي سهولتڪارن ۽ حمايت ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي.
Source link

يوڪرين جي جهاز تي حملي جو جواب ڏنو ويندو، ايران جي ڌمڪي
Leave a Comment Leave a Comment

