وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس جو پئسو قوم جي امانت آهي، ان جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي ۽ هڪ هڪ پيسا جو حساب ڏينداسين.
وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايف بي آر جي معاملن بابت هفتيوار جائزو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اوور انوائسنگ بابت جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.
وزيراعظم چيو ته اوور انوائسنگ جو اسڪينڊل 2017ع کان 2022ع تائين جاري رهيو ۽ لاڳاپيل ادارا پنهنجي فرضن ۾ لاپرواهي ڪندا رهيا. هن ان معاملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
هن مشتاق احمد سکيرا جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي جي رپورٽ جي واکاڻ ڪندي شاهد خان جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن غفلت جي ذميوار ماڻهن ۽ ادارن جو تعين ڪري انهن خلاف ڊپارٽمينٽل ايڪشن ورتو وڃي ۽ جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي.
شهباز شريف هدايت ڪئي ته فنانشل مانيٽرنگ يونٽ (ايف ايم يو) کي هڪ فعال ادارو بڻايو وڃي ۽ ان ۾ ايف آءِ اي ۽ انٽيليجنس بيورو جا نمائندا به شامل ڪيا وڃن.
اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر سينٽرلائيز ڊيپريسيئشن ويريفڪيشن پورٽل ٺاهي ڇڏيو آهي. جون جي آخر تائين هي پورٽل بئنڪن سان ڳنڍجي ويندو.
ايف بي آر جي پوسٽ ڪليئرنگ آڊٽ ونگ آڪٽوبر 2022 ۾ هن اوور انوائسنگ اسڪيم جي نشاندهي ڪئي. ان دوران جوابدارن خلاف 13 ايف آءِ آرز داخل ڪيون ويون آهن ۽ قانوني ڪارروائي جاري آهي.
اجلاس ۾ وفاقي وزير مصدق مسعود ملڪ، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، چيئرمين ايف بي آر ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.


