پابندي مڙهيل ايڪشن ڪميٽي جون سموريون سازشون ناڪام، آزاد ڪشمير ۾ چونڊ سرگرميون عروج تي پهچي ويون.
آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ايندڙ چونڊن جي حوالي سان سياسي سرگرميون عروج تي آهن. آزاد ڪشمير جا باشعور شهري غير جمهوري ۽ شرپسند عنصرن جي ايجنڊا کي رد ڪندي سياسي عمل ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيا آهن.
چيف اليڪشن ڪمشنر آزاد ڪشمير جسٽس (ر) غلام مصطفيٰ مغل موجب اليڪشن ڪميشن چونڊ انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ وڏي انگ ۾ اميدوار پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪنهن پولنگ ايريا ۾ 500 کان وڌيڪ ووٽر هوندا ته اتي 2 پولنگ بوٿ ٺاهيا ويندا.
آزاد ڪشمير جي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن راجا شڪيل خان موجب نامزدگي ڪاغذ 23 جون تائين جمع ڪرايا ويندا ۽ ريٽرننگ آفيسر آچر تي به موجود هوندا. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن آزاد ڪشمير ۾ هن وقت تائين 518 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن. مهاجر سيٽن تي 114 ۽ راولڪوٽ مان 130 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا.
آزاد ڪشمير جي اڳوڻي ناڻي واري وزير ماجد خان موجب آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ اطمينان بخش انتظام ڪيا آهن. مهاجرن جي سيٽن تي به ماڻهو وڏي انگ ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندا، جيڪا خوش آئند آهي.
آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ شڪست ان ڳالهه جو واضع پيغام آهي ته عوام رابطا ڪميٽي جي ناڪاري ۽ غير جمهوري موقف کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آزاد ڪشمير جي عوام جي چونڊ عمل ۾ ڀرپور شرڪت ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته کين پنهنجي رياست ۽ چونڊيل نمائندن تي مڪمل اعتماد آهي.


