پاڪستان انڊر 18 هاڪي چيمپيئن شپ جي ٽئين ڏينهن چار ميچ کيڏيا ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان هاڪي فيڊريشن پاران منعقد ڪيل يوٿ انڊر 18 نيشنل هاڪي چيمپيئن شپ 2026 جي ٽئين ڏينهن 4 ميچون کيڏيون ويون. پهرين ميچ پنجاب 1 ۽ سنڌ 2 وچ ۾ کيڏي وئي، جيڪا پنجاب 1 هڪ طرفي ميچ کانپوءِ 0-7 تان کٽي ورتي. پنجاب 1 طرفان محمد علي 3، امان حسن ٻه، احسن ۽ مومل هڪ هڪ گول ڪيو. ٻي ميچ پنجاب 4 ۽ گلگت بلتستان وچ ۾ کيڏي وئي. جنهن کي پنجاب 4 آسانيءَ سان 0-13 تان هارائي ڇڏيو. پنجاب 4 طرفان محمد عثمان 3، ارسلان، علي اڪبر، نعمان 2-2، زونير، حسن، احمد ۽ حميد هڪ هڪ گول ڪيو. ٽيون ميچ ڪي پي ڪي 1 ۽ بلوچستان وچ ۾ کيڏيو ويو. جيڪو ڪي پي ڪي 1 1-5 تان کٽيو. ڪي پي ڪي 1 طرفان موذان ۽ شرجيل 2-2 گول ڪيا جڏهن ته عزير هڪ گول ڪيو. بلوچستان طرفان واحد گول محمد عون ڪيو. چوٿين ميچ پاڪ ڪسٽمز ۽ ڪي پي ڪي 2 وچ ۾ کيڏي وئي. جيڪا پاڪ ڪسٽم 2-6 تان کٽي ورتي. پاڪستان ڪسٽمز طرفان عاصم حيدر، حسين 2، 2، عبدالله ۽ حسنين هڪ هڪ گول ڪيو. ڪي پي ڪي 2 طرفان سديس ۽ مزمل هڪ هڪ گول ڪيو. ان موقعي تي پي ايڇ ايف جي سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر، چيف ڪوآرڊينيٽر عبدالناصر اخندزاده، ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر خواجه محمد جنيد، اسسٽنٽ ٽورنامينٽ ڊائريڪٽر شفيق ڀٽي، محمود احمد، ايمپائر مئنيجر سهيل اڪرم جنجوعه، ڪوآرڊينيٽر خاور جاويد، ميڊيا ڪوآرڊينيٽر محمد وقاص شيخ ۽ وڏي انگ ۾ آفيسرن شرڪت ڪئي. ايونٽ 9 اپريل کان 19 اپريل تائين ٿيندو، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان 16 ٽيمون ٽائيٽل لاءِ آمهون سامهون ٿينديون.



Source link

Share This Article
Leave a Comment