اسلام آباد:
پاڪستان جي پرائيويٽ حج شعبي نئين ڊجيٽلائيز حج سسٽم ۽ خدمتن جي ميدان ۾ عالمي اڳواڻ بڻجڻ ۾ هڪ ٻي اهم ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
تفصيل موجب پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي حج ايوارڊ ”لبيٽم“ ۾ پهرين 6 پوزيشنون حاصل ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪري ڇڏيو.
هن ڪاميابي کي پاڪستاني نجي حج شعبي جي پروفيشنلزم، محنت ۽ صلاحيت جو واضح ثبوت قرار ڏنو پيو وڃي ته جيئن جديد ڊجيٽل سسٽم کي موثر طريقي سان هلائڻ لاءِ.
حج آرگنائيزرز ايسوسي ايشن آف پاڪستان (HOAP) جي چيئرمين ناصر خان پنهنجي بيان ۾ چيو ته انجمن ان عظيم ڪاميابي تي الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿي ته پاڪستاني حاجين کي بهتر ۽ معياري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون وينديون.
هن چيو ته اها ڪاميابي ان ڳالهه جو واضع ثبوت آهي ته پاڪستان جو خانگي شعبو ڊجيٽلائيزيشن جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو ۽ جديد نظام کي انتهائي ڪارائتو ۽ سهڻي انداز ۾ هلائي رهيو آهي.
ناصر خان ان ڪاميابي تي وزيراعظم پاڪستان، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ۽ ڊي جي حج جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اها ڪاميابي سمورن لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان ممڪن ٿي آهي.
هن ان عزم کي ورجايو ته مستقبل ۾ پاڪستان جو وقار بلند ڪرڻ ۽ زائرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ موثر قدم کنيا ويندا.


