پاڪستان دوري لاءِ آسٽريليا جي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


آسٽريليا پاڪستان خلاف ايندڙ وائيٽ بال سيريز لاءِ پنهنجي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

تفصيل موجب تجربيڪار فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز، مچل اسٽارڪ ۽ جوش هيزل ووڊ کي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو.

آگسٽ ۾ شروع ٿيندڙ آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ مهم جي تياري لاءِ ٽنهي رانديگرن کي آرام ڏنو ويندو. پيٽ ڪمنز جي غير موجودگي ۾ مچل مارش ٽيم جي قيادت ڪندو.

پاڪستان خلاف 30 مئي کان شروع ٿيندڙ ون ڊي سيريز لاءِ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو آهي.

انڊر 19 ورلڊ ڪپ ٽيم جو ڪپتان اوليور پيڪ ۽ آل رائونڊر ليام اسڪاٽ پهريون ڀيرو آسٽريلوي اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويا آهن.

ان کان سواء، رلي ميريڊٿ ۽ بلي اسٽينلڪ پڻ ٽيم ۾ واپس آهن.

ڪرڪيٽ آسٽريليا جي چيف سليڪٽر جارج بيلي جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ نون ۽ نوجوان رانديگرن کي موقعو ڏيڻ مستقبل جي پلاننگ جو حصو آهي.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ وڏن ايونٽس جي تياري لاءِ رانديگرن کي مختلف حالتن ۾ پرکڻ ضروري آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي ميچ 30 مئي تي راولپنڊي ۽ 2 ۽ 4 جون تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.

اسڪواڊ:

مچل مارش (ڪپتان)، ايلڪس ڪيري، ناٿن ايلس، ڪيمرون گرين، جوش انگلس، ميٿيو ڪوهنيمن، مارنس لابوچن، ريلي ميريڊٿ، اوليور پيڪ، ميٿيو رينشا، تنوير سنگا، ليام اسڪاٽ، ميٽ شارٽ، بلي اسٽينلڪ، ايڊم زمپا





Source link

Share This Article
Leave a Comment