نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو واپار، سيڙپڪاري، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار واشنگٽن ۾ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن، علائقائي صورتحال ۽ گڏيل سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ آمريڪا ٻطرفن لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ خطي سميت عالمي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مخلصانه سفارتي ۽ ثالثي ڪوششن کي ساراهيو.
ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي خاتمي سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ٻنهي اڳواڻن اعليٰ سطحي رابطن ۽ خطي ۾ امن، سلامتي ۽ خوشحالي جي گڏيل مقصدن تحت پاڪستان-آمريڪا پارٽنرشپ کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم کي ورجايو.
نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار @MIshaqDar50 اڄ آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ٻه طرفي ملاقات ڪئي @SecRubio واشنگٽن ڊي سي ۾
ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. pic.twitter.com/s3n4bCeQjh
– وزارت خارجه – پاڪستان (@ForeignOfficePk) مئي 29، 2026


