پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) ڪوريا کي 4 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين واني چيو ته سيريز لاءِ ڳالهيون شروعاتي مرحلي ۾ آهن.
هن چيو ته پي ايڇ ايف جي خواهش آهي ته سيريز پاڪستان ۾ جولاءِ جي آخري هفتي ۾ کيڏي وڃي.
محي الدين واني چيو ته ان حوالي سان ڳالهيون اڃا جاري آهن جنهن کانپوءِ سيريز بابت شهرن جو حتمي فيصلو ڪيو ويندو.
هن چيو ته ڪوريا جي دوري جو فيصلو ٿيو ته پاڪستان جي سرزمين تي انٽرنيشنل هاڪي جي واپسي سان هڪ نئون سفر شروع ٿي سگهي ٿو.
واضح رهي ته پاڪستان هاڪي ٽيم 15 کان 30 آگسٽ تائين هاڪي ورلڊ ڪپ لاءِ روانگي کان اڳ ڪوريا سان 4 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ جي خواهشمند آهي.
عالمي رينڪنگ ۾ پاڪستان 12 هين ۽ ڪوريا 20 هين نمبر تي آهي.


