پاڪستان ۾ عيد الاضحيٰ تي جانورن جي جلدن جي خريد و فروخت وڏي پئماني تي معاشي سرگرمي بڻجي وڃي ٿي. چمڙي جي وڪري ۽ خريداري سان لکين ماڻهن کي روزگار ملي ٿو، جڏهن ته چمڙي جي صنعت ملڪ جي برآمدات جو اهم حصو آهي. عرب نيوز موجب پاڪستان ۾ هن سال قربان ڪيل 7.5 ملين جانورن جي جلدن مان 8.7 بلين روپين (31 ملين ڊالر) جي معاشي سرگرمين جو امڪان آهي. پاڪستان ۾ هڪ ڏهاڪي دوران قرباني جي جانورن جي تعداد ۾ 17 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن سال 28 لک ڳئون، 43 لک ٻڪريون، 5 لک رڍن ۽ 30 هزار اُٺن جون جلدون حاصل ٿيڻ جو امڪان آهي. عرب نيوز موجب گذريل 9 سالن ۾ چمڙي جي صنعت جو رجحان چمڙي جي فراهمي کان هٽي ڪري منافعي واري تيار شين ڏانهن وڌيو آهي، چمڙي جي شين ۽ بوٽن جي پاڪستاني برآمدات جو حجم 694.20 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. معاشي ماهرن موجب حڪومت ملڪ ۾ چمڙي جي صنعت کي خام مال جي فراهمي کان وٺي تيار ٿيل شين ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. قرباني جي جانورن ۽ انهن جي جلدن جو وڌندڙ تعداد ملڪ جي مضبوط قوت خريد ۽ معاشي اعتماد جو عڪاسي آهي.
Source link

پاڪستان ۾ عيد الاضحيٰ تي ذبح ڪيل جانورن جي جلدن مان وڏي معاشي سرگرمي جو امڪان آهي.
Leave a Comment Leave a Comment

