سينيئر ڀارتي اداڪار پريش راول پهريون ڀيرو ”او ايم جي 2“ ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ جا سبب ٻڌائي ڇڏيا آهن.
هڪ تازي انٽرويو ۾، پاريش راول چيو ته هن هدايتڪار ۽ ليکڪ اميت راء سان گڏ جنسي تعليم تي ٻڌل هڪ الڳ فلم جو تصور ڪيو آهي.
اداڪار موجب ڪهاڻي جو اصل تصور سندس هو ۽ ڪهاڻي هڪ ڇوڪرو جي چوڌاري گهمي رهي آهي جنهن جي سوشل ميڊيا تي نامناسب وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ زندگي مصيبت ۾ ڦاسي وڃي ٿي جڏهن ته سندس والد انصاف لاءِ وڙهندو رهي ٿو.
هن چيو ته ڪهاڻي ۾ پيءُ جي رهنمائي لاءِ ڪردار جي ضرورت هئي پر خدا نه هجي. پهرين ’او ايم جي‘ ۾ خدا جو ڪردار هو، ڇاڪاڻ ته ڪيس خدا جي خلاف هو، پر هن نئين ڪهاڻي ۾ هن جي ڪا به ضرورت نه هئي.
پريش راول چيو ته فلم کي تعليمي، دلچسپ ۽ غير فحش بڻائڻ لاءِ مشهور سيڪسالوجسٽ ڊاڪٽر پرڪاش ڪوٿري کي پڻ شامل ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان ڪيتريون ئي ملاقاتون پڻ ٿيون.
اداڪار انڪشاف ڪيو ته پهرين سلمان خان ۽ پوءِ اجي ديوگن کي ان ڪردار لاءِ اپروچ ڪيو ويو پر ٻنهي فلم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته موضوع غير روايتي هو. اڪشي ڪمار کي ان کان اڳ رابطو نه ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته فلم ’او ايم جي 2‘ نه پر هڪ الڳ پروجيڪٽ جي طور تي ٺاهي پئي وڃي.
پريش راول موجب اميت راءِ کيس ٻڌايو ته اڪشي ڪمار فلم ڪرڻ چاهي ٿو پر اسڪرپٽ عارضي طور ’او ايم جي 2‘ لکيو آهي. ان مطابق، هن اميت راءِ کي ٻڌايو ته هو ان منصوبي جو حصو نه بڻجڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهو سندس اصل تصور کان مختلف ٿي چڪو آهي.
اداڪار جو چوڻ هو ته هن بار بار اميت راءِ کي چيو ته هو فلم کي فرنچائز جو حصو نه بڻائن ڇو ته اها اصل ۾ او ايم جي جو سيڪوئل نه هئي پر فلم ان طريقي سان ٺاهي وئي.
پريش راول وڌيڪ چيو ته مون کي به اڪشي ڪمار فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اپروچ ڪيو هو پر مون انڪار ڪيو ڇو ته نئين ڪهاڻي ۾ وري خدا جو ڪردار شامل ڪيو ويو آهي جيڪو سندس اصل تصور جو حصو نه هو.
واضح رهي ته او ايم جي 2 ۾ پنڪج ترپاٺي مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو، جڏهن ته يامي گوتم پڻ اهم ڪردار ۾ نظر آئي هئي. اڪشي ڪمار فلم ۾ خدا جو ڪردار ادا ڪيو ۽ ان کي پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني تحت پروڊيوس ڪيو، جڏهن ته ليکڪ ۽ هدايتڪار اميت راءِ هو.


