پي ايس ايل: ڪراچي ۽ لاهور جي رانديگرن جي رڪارڊ لاءِ ’ليجنڊ بورڊ‘ متعارف

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي دلچسپ ميچن ۾ هڪ نئين روايت جو اضافو ٿي ويو آهي.

تفصيل موجب ڪراچي ڪنگز ۽ لاهور قلندرز وچ ۾ ٿيندڙ ايل ڪلاسيڪو ميچن کي وڌيڪ منفرد بڻائڻ لاءِ ”ميٿميٽيڪل ليجنڊ بورڊ“ متعارف ڪرايو ويو آهي.

هن اسپيشل بورڊ جو مقصد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٿيندڙ ميچن جي تاريخ کي منفرد انداز ۾ پيش ڪرڻ آهي.

هر ميچ کان پوء، کٽڻ واري ٽيم جو هڪ نئون ٽائل بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو وقت سان مقابلي جي مڪمل تصوير ڏئي ٿو.

رڪارڊ موجب هن وقت تائين ڪراچي ڪنگز جي 16 فتوحات جا ٽائيٽل هن بورڊ تي آهن، جڏهن ته لاهور قلندرز جون 8 فتوحات به شامل آهن.

ڪرڪيٽ جي مداحن لاءِ هي نئون تصور نه رڳو دلچسپي ۾ اضافو ڪندو پر ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ کي وڌيڪ سنسني خیز ۽ يادگار بڻائيندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment