پي ايس ايل 11 جي 28هين ميچ ۾ ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز جي بيٽنگ جاري آهي.
ٻنهي ٽيمن وچ ۾ نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، ٽورنامينٽ ۾ ٻنهي ٽيمن پنهنجا 6 ميچ کيڏيا آهن. ڪراچي ڪنگز کي ٽن ميچن ۾ ڪاميابي ۽ ٽن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ملتان سلطانز 4 ميچن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته 2 ۾ شڪست ڏني وئي، پوائنٽس ٽيبل تي ملتان سلطانز ٽئين ۽ ڪراچي ڪنگز ستين نمبر تي آهي.


