چيئرمين پي سي بي تميم اقبال کي بي سي بي جو بنا مقابلي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي تميم اقبال کي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو بنا مقابلي صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي.

تفصيل موجب چيئرمين پي سي بي محسن نقوي تميم اقبال لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.

محسن نقوي چيو ته تميم اقبال جي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر چونڊجڻ ڪرڪيٽ جي ترقي لاءِ خوش آئند قدم آهي.

هن اميد ظاهر ڪئي ته تميم اقبال جي قيادت ۾ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ڪرڪيٽ جي بهتري لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪندو.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ڍاڪا ۾ ٿيل چونڊن ۾ تميم اقبال بنا مقابلي نئون صدر چونڊيو ويو هو.

تميم هن پوسٽ لاءِ واحد اميدوار هو. هو ٻن مهينن تائين عبوري (ايڊهاڪ) ڪميٽي جي سربراهه طور ڪم ڪرڻ کان پوءِ مجموعي طور چئن سالن لاءِ بورڊ جي قيادت ڪندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment