ڪراچي؛ بنگلي مان 43 لک رپيا ۽ سون جي زيور ڦر، ڪيس داخل، فوٽيجز به سامهون اچي ويون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



گلستان جوهر جي بنگلي ۾ چوري جي واقعي دوران چور گهرواري کي يرغمال بڻائي ڪمري ۾ بند ڪري 43 لک رپين کان وڌيڪ روڪ رقم ۽ سون جا زيور چوري ڪري فرار ٿي ويا. سي سي ٽي وي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ سلور رنگ جي ڪار جنهن ۾ ڪاري ونڊو لڳل آهي، هڪ جوابدار ڪار مان نڪرندو آهي ۽ هڪ بنگلي جي دروازي کي چيڪ ڪندو آهي ۽ گيٽ بند ٿيڻ تي جوابدار ٻئي بنگلي ڏانهن هليو ويندو آهي، ٽي ڌاڙيل بنگلي ۾ داخل ٿيندا آهن جڏهن ته چوٿون ڌاڙيل ڪار ۾ ئي بيٺو هوندو آهي. ٿوري دير کان پوءِ ٽئي ڌاڙيل بنگلي مان ٻاهر نڪرندا آهن جن ۾ هڪ پورو شاپنگ ٿيلهو هٿ ۾ هوندو آهي. واقعي ۾ ملوث جوابدارن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ منهن تي نقاب اوڍيا هئا. واقعي کانپوءِ 4 ڌاڙيل ڪار ۾ ويھي فرار ٿي ويا. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي پر ٻه ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment