ڪراچي؛ مومن آباد پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڦورو سخت زخمي ٿي پيا

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ مومن آباد پوليس سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ 2 جوابدار مارجي ويا. ايس ايڇ او مومن آباد شهباز يوسف موجب اورنگي ٽائون ملڪ چوڪ وٽ 2 ڌاڙيلن هٿياربندن نوجوان کان جديد هونڊا 125 موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. هن ٻڌايو ته گشت تي موجود پوليس پارٽي واقعي واري هنڌ پهتي ته فقير ڪالوني واجد شهيد چوڪ وٽ ڪجهه مفاصلي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڌاڙيل سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عباسي شهيد اسپتال نيو ويو ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويا. ايس ايڇ او ٻڌايو ته جوابدارن وٽان 2 پستول، گوليون، نقدي، موبائل فون ۽ هڪ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مارجي ويلن وٽان مليل سڃاڻپ ڪارڊن جي مدد سان سندن سڃاڻپ ساجد ۽ وهاب طور ٿي آهي، جيڪي رشيد آباد ميونسپل جا رهواسي آهن. هن چيو ته پوليس مارجي ويل چورن جو ڪرمنل رڪارڊ به چيڪ ڪري رهي آهي ۽ شهري جي فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو پيو وڃي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment