ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر پرفيوم چوڪ وٽ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ هڪ شهري فوت، هڪ شهري سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال منتقل ڪرڻ دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ايڪسپريس نيوز موجب گلستان جوهر جي علائقي پرفيوم چوڪ وٽ پاڻي جي ٽينڪر هڪ شهري کي چيڀاٽي ڇڏيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي. حادثي بعد مشتعل عوام واٽر ٽينڪر کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته حادثي جو ذميوار ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو. اطلاع تي شارع فيصل پوليس به واقعي واري هنڌ پهچي پاڻي جي ٽينڪر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس فائر برگيڊ کي طلب ڪري صورتحال تي ضابطو آندو، جنهن تي گلستان جوهر فائر اسٽيشن جو عملو فائر ٽينڊر سميت موقعي تي پهتو ۽ واٽر ٽينڪر جي سامهون واري حصي ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو. پوليس جو چوڻ آهي ته واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سبب فوت ٿيل شخص جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي. ايس ايڇ او شرعي فيصل امتياز حسين جو چوڻ هو ته اطلاع مليو آهي ته واٽر ٽينڪر ڊرائيور فرار ٿي ويو آهي، معلوم ٿيو آهي ته عوام مٿس تشدد به ڪيو آهي. هن چيو ته ان حوالي سان پوليس واقعي واري هنڌ موجود آهي ۽ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي پڻ ڳولا ڪري رهي آهي جڏهن ته حادثي جي نوعيت معلوم ڪرڻ لاءِ اکين ڏٺن شاهدن کان وڌيڪ معلومات ورتي پئي وڃي.
Source link

ڪراچي؛ هڪ ٻيو شهري پاڻي جي ٽينڪر جي ڪري مارجي ويو جيڪو شهر ۾ گوڙ ڪري رهيو هو
Leave a Comment Leave a Comment

