ڪراچي: اسٽريٽ ڪرائم جو ٻيو واقعو، شهري موٽرسائيڪل ۽ نقدي کان محروم، وڊيو منظر عام تي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي جي علائقي پي آءِ بي ٿاڻي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جو واقعو پيش آيو، گذريل رات پيش آيل واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج سامهون اچي وئي.

فوٽيج موجب موٽرسائيڪل تي سوار ٽن جوابدارن هڪ شهري جو تعاقب ڪري کيس روڪيو ۽ هٿياربندن جي موٽرسائيڪل ۽ نقدي ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي کانپوءِ جوابدار موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، جڏهن ته پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ باوجود جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

شهرين وڌندڙ واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment