ڪراچي:
ڪراچي جي ٿاڻي سپر مارڪيٽ جي علائقي لياقت آباد نمبر 4 گجر نالا وٽ مبينا پوليس مقابلو ٿيو، جنهن دوران هڪ خطرناڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ضلعي سينٽرل پوليس جي ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ شهريار عرف شيري پٽ جاويد جي نالي سان ٿي آهي.
پوليس واقعي واري هنڌ تان 30 بور پستول، 2 رائونڊ، 300 رپيا روڪ، هڪ موبائل فون ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي.
پوليس اختيارين موجب گرفتار جوابدار مفرور هو ۽ هو ٿانا سپر مارڪيٽ سميت ڪيترن ئي ٿاڻن ۾ مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو.
سندس اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ به سامهون آيو آهي جنهن ۾ شريف آباد، شاهه لطيف ۽ ٻين ٿاڻن تي ڦر ۽ هٿيارن جا ڪيس شامل آهن.
واقعي بعد زخمي جوابدار کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.


