شهر جي مختلف علائقن ۾ روڊ حادثن ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا. تفصيل موجب لياري جي علائقي چاڪيواڙ ميرانڪا پل تي ٽريفڪ حادثي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ايڌي رضاڪارن سول اسپتال پهچايو. ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته فوت ٿي ويل جي سڃاڻپ 22 ورهين جي شيزان جي نالي سان ٿي آهي، جيڪو موٽرسائيڪل تي سوار هو، جڏهن ته حادثو اڻڄاتل گاڏي سان ٽڪرائجڻ سبب پيش آيو، جنهن بابت پوليس وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري رهي آهي. اسٽيل مل چورنگي پيٽرول پمپ ويجهو ٽريفڪ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش جناح اسپتال آندو ويو. ڇاپو اختيارين موجب فوتگي جي سڃاڻپ 30 ورهين جي احمد جي نالي سان ٿي آهي جيڪو موٽرسائيڪل تي سوار هو جڏهن ته حادثو نامعلوم گاڏي سان ٽڪرائجڻ سبب پيش آيو. هوڏانهن رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب رڪشا ڊرائيور سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. ڇاپا عملدارن موجب، حادثو خميس جي رات تقريبن 11:30 وڳي پيش آيو. صدر لڪي اسٽار ويجهو رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ٿي ويو. فوري طور تي فوت ٿيل رڪشا ڊرائيور جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي، جڏهن ته سندس عمر 55 سال ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته پوليس مقتول جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
Source link

ڪراچي: مختلف روڊ حادثن ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا
Leave a Comment Leave a Comment

