ڪرسٽيانو رونالڊو جي مستقبل جي حوالي سان پرتگال جي نئين ڪوچ جو اهم بيان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پرتگال فٽبال فيڊريشن جارج جيسس کي قومي ٽيم جو نئون هيڊ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن واضح ڪيو آهي ته هو فٽ ۽ دستياب هئڻ جي صورت ۾ ڪرسٽيانو رونالڊو کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪندو. پنهنجي پهرين پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جارج جيسز چيو ته جيستائين رونالڊو کيڏندو ۽ قومي ٽيم لاءِ فٽ هوندو ته مان کيس ضرور چونڊيندس. هن چيو ته هن وقت تائين رونالڊو سان ڳالهه ٻولهه نه ڪئي آهي پر جلد ٻنهي وچ ۾ ملاقات ٿيندي جنهن ۾ اسٽار فٽبالر جي انٽرنيشنل مستقبل بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. جارج جيسس چيو ته رونالڊو ڪڏهن به قومي ٽيم لاءِ مسئلو نه هوندو، نه ٽيم لاءِ ۽ نه ئي منهنجي لاءِ. هو پرتگالي فٽبال ۽ قومي ٽيم جي علامت آهي ۽ هميشه تاريخ جو حصو رهندو. جارج جيسس، 71، گذريل سيزن ۾ سعودي ڪلب النصر جي ڪوچ ڪئي، جتي هن ڪرسٽيانو رونالڊو سان گڏ ڪم ڪيو ۽ ٽيم کي سعودي پرو ليگ ٽائيٽل تائين پهچايو. هن وڌيڪ چيو ته رونالڊو کيس ڪيترائي ڀيرا چيو هو ته هو الناصر ۾ پنهنجي ڪلب جو ڪيريئر ختم ڪرڻ چاهي ٿو. واضح رهي ته 41 سالن جي ڪرسٽيانو رونالڊو کي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي کانپوءِ سخت تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو هو، جتي هن اشارو ڏنو هو ته پري ڪوارٽر فائنل ۾ اسپين هٿان شڪست کانپوءِ هي سندس آخري ورلڊ ڪپ آهي. جڏهن ته هن اڃا تائين ريٽائرمينٽ يا قومي ٽيم مان مستقبل بابت ڪو به حتمي فيصلو ناهي ڪيو. جارج جيسس 2030 فيفا ورلڊ ڪپ کان پوءِ پرتگال جي هيڊ ڪوچ جي ذميواري سنڀاليندو. 2030 ورلڊ ڪپ گڏيل طور پرتگال، اسپين ۽ مراکش جي ميزباني ڪندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment