گلگت بلتستان؛ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وچ ۾ حڪومت سازي جو فارمولو طئي ٿي ويو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



گلگت بلتستان ۾ حڪومت ٺاهڻ جو فارمولو پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) وچ ۾ طئي ٿي ويو آهي، جنهن تحت پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي ۽ مسلم ليگ (ن) تعاون ڪندي. گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) جي مقامي قيادت ۽ تنظيمن وچ ۾ تفصيلي مشاورت، باهمي اعتماد ۽ اتفاق راءِ کانپوءِ سياسي پارٽنرشپ تحت حڪومت ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي پارٽين سياسي استحڪام، عوامي ڀلائي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ کي اوليت ڏيندي گڏجي اڳتي وڌڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. ٻنهي پارٽين وچ ۾ طئي ٿيل فارمولي موجب گلگت بلتستان جو وڏو وزير ۽ اسپيڪر پيپلز پارٽي جو هوندو، گلگت بلتستان جو گورنر، اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو عهدو پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ڏنو ويندو. پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي قيادت چيو ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ طئي ٿيل عوامي مينڊيٽ جو فارمولو گڏيل مشاورت، سياسي هم آهنگي جو مظهر آهي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ملڪ ۽ خاص طور گلگت بلتستان کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ، عوامي مسئلن جي حل، ترقي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ جمهوري ادارن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سياسي استحڪام ناگزير آهي. ٻنهي پارٽين ان عزم کي ورجايو آهي ته اهي ذاتي ۽ پارٽي مفادن کان بالاتر ٿي قومي مفاد، عوامي خدمت ۽ پاڪستان جي مضبوطي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. گلگت بلتستان ۾ گڏيل حڪومت جي ان فيصلي کي سياسي رواداري، قومي اتحاد ۽ جمهوري تسلسل جي فروغ لاءِ هڪ اهم قدم قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن جي ذريعي گلگت بلتستان ۾ موثر، مستحڪم ۽ عوام دوست حڪمراني کي يقيني بڻايو ويندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment