– اشتهار –
گهوٽڪي ضلعي جي 4 بدنام ڌاڙيلن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي گهوٽڪي آفيس موجب هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارن ڏوهارين ۾ ولي محمد عرف بابو، عيسى شر، نوريل ۽ قربان سيلرو شامل آهن. پوليس ترجمان موجب چور ولي محمد شر خلاف 13،عيسو شر خلاف 7، نورحسن سيلرو خلاف 2 ۽ قربان خلاف هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کي لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. گرفتار ٿيل ڌاڙيلن جو چوڻ هو ته هنن سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جي پيغام کان پوءِ ڏوهن جي دنيا ڇڏي ڏني ۽ پوليس جي گهيري مان تنگ اچي پاڻ کي قانون جي حوالي ڪيو.


