گوشت کائڻ وارن ۽ ڊگھي عمر جي وچ ۾ رابطي تي نئين تحقيق، ماهر حيران ٿي ويا

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read



چين ۾ ٿيل هڪ نئين طبي تحقيق گوشت جي استعمال ۽ ڊگهي عمر جي وچ ۾ دلچسپ تعلق جو انڪشاف ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ريسرچ موجب 80 سالن يا ان کان وڌيڪ عمر جي عورتن جو گوشت ڀاڄي کائڻ وارن عورتن جي ڀيٽ ۾ 100 سالن تائين جيئرو رهڻ جو امڪان وڌيڪ هو پر مردن ۾ اهڙو ڪو به فرق نه ڏٺو ويو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اها تحقيق چين جي ٽن وڏن ادارن جي ماهرن گڏيل طور تي ڪئي، جنهن ۾ فوڊان يونيورسٽي، چائنيز سينٽر فار ڊيزز ڪنٽرول اينڊ پريونشن ۽ شنگهائي جيو تونگ يونيورسٽي شامل آهن. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته مطالعي ۾ اهو به انڪشاف ٿيو ته گوشت جي استعمال جو مثبت اثر صرف انهن عورتن ۾ ڏٺو ويو جن جو وزن گهٽ هو. نتيجن موجب گهٽ وزن ۾ گوشت کائڻ وارين عورتن ۾ 100 سالن جي ڄمار تائين جيئرو رهڻ جا امڪان 44 سيڪڙو وڌيڪ هئا، جڏهن ته عام يا وڌيڪ وزن وارين عورتن ۾ گوشت کائڻ ۽ نه کائڻ ۾ ڪو خاص فرق نه هو. ماهرن وڌيڪ چيو ته جيڪي عورتون مڪمل سبزي خورون هيون پر انهن جي غذا ۾ پروٽين سان ڀرپور غذا جهڙوڪ مڇي، انڊا يا کير شامل هئي انهن جي عمر به انهن عورتن جي برابر هوندي آهي جيڪي گوشت کائينديون آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اصل اهميت متوازن غذا ۽ مناسب پروٽين جي آهي، نه رڳو گوشت يا سبزي جي. تحقيق موجب عمر وڌڻ سان جسماني ڪمزوري، عضلات جي قوت ۾ گهٽتائي ۽ وزن ۾ گهٽتائي جهڙا مسئلا عام ٿي ويندا آهن، تنهن ڪري بزرگ ماڻهن کي گهرجي ته هو پنهنجي غذا ۾ مناسب پروٽين ۽ ڪيلوريز شامل ڪن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ميوا ۽ ڀاڄيون نوجوانن لاءِ انتهائي فائديمند هونديون آهن پر جيئن جيئن اسان جي عمر وڌندي وڃي ٿي ته جسم کي مضبوط رکڻ لاءِ اضافي پروٽين جي ضرورت وڌي ويندي آهي. ماهرن ان ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته ڊگهي ۽ صحتمند زندگي جو راز ڪنهن هڪ غذا ۾ نه پر متوازن غذا ۾ آهي جنهن ۾ ڀاڄيون ۽ جانورن جون غذائون مناسب مقدار ۾ شامل آهن. سندن چوڻ آهي ته وڏي ڄمار ۾ گهڻو وزن گهٽ هجڻ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو جڏهن ته پروٽين تي مشتمل غذا جسماني طاقت برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري ٿي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment