پوليو خلاف 2026ع جي ٻي قومي مهم اڄ کان شروع ٿي وئي آهي.
تفصيل موجب پوليو مهم 19 اپريل تائين جاري رهندي، پوليو مهم دوران 45 لک کان وڌيڪ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.
هن هفتي پوليو مهم دوران ٻارن کي وٽامن اي جا اضافي دوز پڻ ڏنا ويندا، ستن ڏينهن واري پوليو مهم دوران 4 لک کان وڌيڪ پوليو ورڪر پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا.
نيشنل اي او سي چيو آهي ته پوليو ٽيم کي گهر پهچڻ تي ڀليڪار ڪيو ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچايو. مهم دوران پنجن سالن کان گهٽ عمر جي هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ گهرجن.
پوليو جي قومي مهم 13 کان 19 اپريل تائين سڄي ملڪ ۾ بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي، پوليو ٽيم سان رابطو ڪرڻ لاءِ 1166 تي ڪال ڪريو يا 03467776546 تي واٽس ايپ پيغام موڪليو.


