ڪراچي ۾ سخت گرم ۽ خشڪ موسم جاري، پارو 41 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڪراچي:

ڪراچي ۾ گرمي جو سلسلو جاري آهي ۽ موسميات کاتي ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين گرمي جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ شهر جو گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 30.3 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. هوا ۾ نمي جو تناسب 79 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جنهن سبب گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي پئي وڃي. هوائون ڏکڻ-اولهه کان يعني سمنڊ طرف 22 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.

اڄ شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 39 کان 41 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي پاران جاري ڪيل هيٽ ويو الرٽ موجب ڪراچي ۾ ايندڙ 3 ڏينهن تائين موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. اڳڪٿي موجب هوا ۾ نمي جو تناسب صبح جو 80 سيڪڙو ۽ شام جو 65 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي، جنهن ڪري گرمي ۽ نمي جي شدت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي سگهي ٿو.

ان دوران سمنڊ جي ڏکڻ-اولهه طرف کان به هوائون اولهه طرف کان هلنديون. اهڙي طرح سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ سڀاڻي تائين وچولي کان سخت گرمي جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ کان 13 جون تائين سخت گرمي سبب صوبي جي ميداني علائقن ۾ ڪجهه هنڌن تي مٽيءَ واري هوائون هلي سگهن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جو به امڪان آهي.

هيٽ ويو الرٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ وچولي کان سخت گرمي جي لهر 12 جون تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment