لڪي مروت ۾ مسجد ويجهو ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڊي آءِ خان:

لڪي مروت ۾ مسجد ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

پوليس موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ لکي مروت جي علائقي خيرو خيل پڪا ۾ مسجد ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شروعاتي اطلاعن موجب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

واقعي کانپوءِ فوري طور تي ريسڪيو ۽ سڪيورٽي ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال پهچايو، شاهديون گڏ ڪيون ۽ موجود ماڻهن جا بيان به ورتا ۽ صورتحال جو جائزو ورتو.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي نوعيت ۽ سبب معلوم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته سڪيورٽي ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment