پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ماهره خان برطانيا جي بادشاهه چارلس سان لنڊن ۾ برٽش ايشين ٽرسٽ پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ ملاقات ڪئي. لنڊن ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ماهره خان تقريب دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس سان ملاقات جو به ذڪر ڪيو. ماهره خان موجب ڪنگ چارلس سان سندس ڏاڍي خوشگوار ۽ معنيٰ خيز ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ هن برٽش ايشين ٽرسٽ سان جاري سماجي ۽ فلاحي ڪمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ماهرا خان چيو ته ڪنگ چارلس سندس سماجي ڪم ۾ خاص دلچسپي ڏيکاري ۽ سندس شڪريو به ادا ڪيو. اداڪارا موجب ڪنگ چارلس سٺي طبيعت رکندڙ ۽ متاثر ڪندڙ شخصيت جو مالڪ آهي، جيڪو مختلف سماجي منصوبن ۽ فلاحي ڪمن ۾ تمام گهڻي دلچسپي رکندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنگ چارلس هن کان مسلسل اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته مختلف پراجيڪٽ ڪيئن هلي رهيا آهن ۽ هو سماجي شعبي ۾ ڪهڙين سرگرمين ۾ شامل آهي. ماهره خان موجب ملاقات سندس لاءِ يادگار تجربو ثابت ٿيو، جنهن ۾ ذهني صحت ۽ سماجي ڀلائي جهڙن اهم موضوعن تي ڪارآمد ڳالهيون ٿيون. ماهرا اهو به چيو ته ذهني بيمارين کي به ٻين جسماني بيمارين وانگر سنجيده وٺڻ گهرجي. هن چيو ته سماج ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جهڙا مسئلا پريشان ڪندڙ آهن، انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ اجتماعي سوچ ۾ تبديلي ناگزير آهي. هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته قانون ٽوڙڻ وارن ۽ تشدد ۾ ملوث ماڻهن کي مثال بڻايو وڃي ته جيئن سماج ۾ مثبت پيغام وڃي. Instagram تي هي پوسٽ ڏسو
Source link

ماهره خان برطانيا جي بادشاهه چارلس سان ملاقات ڪري انسان دوست ڪمن کي ساراهيو
Leave a Comment Leave a Comment

