سلمان خان جي درخواست تي عدالت فلم ڪالا هارن خلاف نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بالي ووڊ جي مشهور اداڪار سلمان خان نئين فلم ”ڪالا هارن: دي بيٽل فار جسٽس“ جي رليز کي روڪڻ لاءِ دهلي هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

اداڪار جو چوڻ آهي ته فلم ٺاهيندڙ سندس شخصيت ۽ پبلسٹی جي حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

سلمان خان جي قانوني ٽيم موجب، فلم جي شروعاتي پوسٽر ۾ اشارن ۽ عناصر شامل آهن جيڪي اداڪار جي عوامي شخصيت سان ملن ٿا، جيڪي ناظرین کي غلط تاثر ڏئي سگهن ٿا.

درخواست ۾ اهو به اشارو ڪيو ويو آهي ته پوسٽر ۾ ڏيکاريل ڪردار سلمان خان جي مشهور ٽورڪوز ڪنگڻ سان ملندڙ هڪ ڪنگڻ پائڻ آهي.

ان کان علاوه قانوني ٽيم خدشو ظاهر ڪيو آهي ته فلم ۾ منظر يا ڪردار ناظرين کي اجازت کانسواءِ اداڪار سان ڳنڍي سگهن ٿا، جڏهن ته درخواست ۾ ڪاري هرڻ جي شڪار ڪيس جو به حوالو ڏنو ويو آهي، جنهن سان اداڪار جي شهرت متاثر ٿي سگهي ٿي.

ٻئي طرف فلم جي پروڊيوسر اميت جاني انهن الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته فلم سلمان خان جي زندگي تي ٻڌل ناهي پر اها بشنوئي برادري ۽ جهنگلي جيوت سان سندس لاڳاپن تي ٻڌل آهي.

دهلي هاءِ ڪورٽ درخواست تي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment